شش رسائل منظوم از عبدالله قلمي نسخو

شش رسائل منظوم از عبدالله (قلمي نسخو): هي پنجابي ٻوليءَ ۾ لکيل قلمي نسخو آهي، جيڪو (1) حصارالايمان، (2)عنوان ناهي ڄاڻايل،(3)عنوان ڄاڻايل ناهي، (4)فرائض شرح سراجي، (5) خيرالعاشقين ۽ (6) معرفت الاهي نالي ڇهن منظوم رسالن تي مشتمل آهي، جنهن جو مصنف عبدالله پنجابي آهي. هن ڪتاب ۾ فاضل مصنف مختلف ديني موضوعن تي تفصيلي ڄاڻ منظوم شعر ۾ قلمبند ڪئي آهي. هي ڪتاب خط نستعليق ۽ خط شڪسته ۾ لکيل آهي، جنهن جو ڪاتب محمد صديق ولد گل محمد آهي. ڪتاب ۾ هڪ هنڌ هڪ مهر ۾ 1242هه/1826ع سن تحرير ڄاڻايل آهي. 56 صفحن تي مشتمل هي قلمي نسخو سنڌي ادبي بورڊ جي قلمي نسخن ۾ محفوظ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو